ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ ڦورن جي موجودگي جي اطلاع تي پوليس جي ڪارروائي، فائرنگ، 2 ڄڻا گرفتار، خبر موجب ڦورن جي موجودگي جي اطلاع تي ٽائون پوليس، سي آءِ اي ۽ ڊي آءِ بي برانچ ٽنڊو آدم ناڪي ڀرسان گڏيل ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران هٿياربندن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن بعد پوليس ٻن جوابدارن سنجھورو واسي علي گل رند ۽ فدا حسين رند کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب ھڪ ڄڻو شھباز جلباڻي فرار ٿي ويو، جنهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پوليس موجب جوابدارن وٽان ھڪ پسٽل ۽ ھڪ موٽر سائيڪل ھٿ ڪئي وئي آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.