ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي سيشن جج آصف مجيد قريشي جي عدالت چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار شبير عرف حبيب الله بنگوار کي 4 سال قيد ۽ 20 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ساڳي عدالت جوابدار جمشيد شيخ کي چرس ڪيس ۾ 5 سال قيد ۽ 25 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.شبير علي عرف حبيب الله بنگوار تي اي سيڪشن پوليس چرس سميت گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو هو.هڏانهن ڪنڌڪوٽ جي فرسٽ سول جج، ماڊل ٽرائل ڪورٽ منظور ڌاريجو جي عدالت 2 جوابدارن شاهمور عرف غلام نبي پٽ گلو ۽ امان الله پٽ غلام نبي بهلڪاڻي تي جهيڙي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 سال قيد سزا ۽ 30 هزار ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي ڇڏي.ٻنهي جوابدارن مٿان بي سيڪشن ٿاڻي تي فريادي جان محمد بهلڪاڻي جي فرياد تي جهيڙي جو ڪيس داخل هو. اهڙو ڪيس 3 مهينن کان فسٽ سول جج،ماڊل ٽرائيل ڪورٽ جي عدالت ۾ هلندڙ هو جنهن جي فتويٰ ٻڌائي وئي.