ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾  ڳوٺ امام بخش مڱريو جي رهواسين پيادل مارچ ڪري شهر جي مک اسٽار چوڪ تي پوليس جي زيادتين  خلاف ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي دلنوازمڱريو، الاهي بخش مڱريو، عباس مڱريو،فتاح مڱريو،ببلومڱريو، اصغرمڱريو، غلام نبي مڱريو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ايس ايچ او بنا جواز  رات جي اونداهي ۾ اسان جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڦرلٽ بعد  بي گناهه نوجوانن کي کنڀي هڪ مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جڏھن ته ٻئي کي گم ڪري ڇڏيوآھي، هنن چيو ته اسان غريب آهيون،  نوٽيس وٺي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري نوجوان آزاد ڪرايو وڃي.