سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ڀرسان ڳوٺ رانجھو خاصخيلي ۾ 25 ورھين جو حنيف پٽ چينسر خاصخيلي ٽي بي سبب فوت ٿي ويو، علائقي واسين مجبورن ڳوٺ ۾ بيٺل 3 فوٽ برساتي پاڻي مان جنازو گذاريو، جڏھن ته قبول شاھ قبرستان به مڪمل طور ٻڏل هجڻ سبب نوجوان جو مڙهه   40 ڪلو ميٽر پري ٻئي قبرستان ڏانهن نيو ويو، ان حوالي سان ڳوٺاڻن رحيم بخش خاصخيلي، مولا بخش خاصخيلي ۽ بابو مري دانھيندي چيو ته انتظاميا ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي، بي يارو مددگار آهيون.