ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جا شهري بنيادي سهولتن کان وانجهيل، وارڊ 12 مڪمل طور نظر انداز، صفائي جو ناقص انتظام. رهواسي پريشان، خبر موجب هن جديد دور ۾ به ڪنڌڪوٽ شهر مسئلن جي وڙ چڙهيل آهي، ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب وارڊ نمبر 12 ۾ هر طرف گندگي جا ڍير لڳل آهن، جنهن ڪري رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ڊگري ڪاليج روڊ وٽ نالا اٿلڻ سبب گندو پاڻي رستن تي بيٺل آهي، جنهن سبب شهرين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکائيون پيش اچي رهيون آهن، انکانسواءِ وارڊ نمبر 12 ۾ بجلي بند رهڻ ۽ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ به معمول بڻيل آهي، ان حوالي سان وارڊ 12 جي رهواسين نثار ملڪ، زبير سانگي، اشرف کوسو، عبدالرزاق ملڪ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هتان جي انتظاميا اسان کي ملڪ جو حصو ئي نٿي سمجهي، جنهن ڪري اهڙو ظلم ڪري رهي آهي، هنن چيو ته وارڊ 12 جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي، هنن چيو ته بجلي ۽ گئس جي بلن جي وقت سر ادائيگي ڪندا آهيون پر ان جي باوجود محلي ۾ بجلي ۽ گئس غائب هوندي آهي، ان ڏس ۾ سي ايم او مقصود جتوئي جو چوڻ هو ته وارڊ 12 ۾ هر روز ملازم صفائي لاءِ ويندا آهن ۽ وارڊ 12 سميت ڪنڌڪوٽ شهر جي سموري علائقي جي بهتر نموني صفائي سٿرائي ڪرائي پئي وڃي، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ برسات پئي ۽ وارڊ 12 ۾ ڪجه علائقا هيٺياهان آهن، جتي برساتي پاڻي بيٺل رهيو، جيڪو به ميونسپل عملو نيڪال ڪرڻ ۾ مصروف آهي.