ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀريا روڊ لڳ چار ڏينهن اڳ کنڀجي ويل ڳوٺ نبي بخش راڄپر جو رھواسي نوجوان علي فقير راڄپر جي وارثن خادم راڄپر، پرويز راڄپر، راھب راڄپر ۽ ٻين ڀرياروڊ پريس ڪلب پھچي نٽھڻ اس ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو. وارثن احتجاج ڪندي چيو ته فقير علي راڄپر کي گم ٿي وئي چار ڏينهن ٿي ويا آهن پر ان جو ڪوبه ڏس پتو ناھي پئجي سگھيو. ھنن چيو ته اسان جي ڀاءُ جو ڪنهن به سياسي ۽ لساني تنظيم سان واسطو نه آهي ھو گهر ۾ اڪيلو ڪمائڻ وارو آهي، اسان جي ڀاءُ کي 2 سال اڳ به گم ڪيو ويو ھو جنهن تي ڪوبه الزام ثابت نه ٿيو ھو جنهن بعد کيس پاڻ مرادو آزاد ڪيو ويو ھو. ھنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان جي بيگناهه ڀاءُ کي جلد کان جلد آزاد ڪرايو وڃي.