بدين (رپورٽر ) ضلعو بچايو تحريڪ پاران بدين ضلعي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف 10جون 2021ع کان تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ضلعو بچايو تحريڪ جي اڳواڻن مير نوراحمد ٽالپر، خدا ڏنو شاھ، خليل ڀرڳڙي ۽ ٻين چيو ته پيادل لانگ مارچ جي شروعات 10 جون تي تلهار شهر کان ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ شروعاتي جلسو صبح ڏهين وڳي خميس ڏينهن تلهار شهر ۾ رٿيو ويو آهي. يارهين وڳي لانگ مارچ جو قافلو تلهار کان حيدرآباد طرف روانو ٿيندو. 14 مارچ تي سومر ڏينهن حيدرآباد پهچي سيڊا آفيس پٺاڻ ڪالوني اڳيان تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو. هنن مطالبو ڪيو ته بدين ضلعي جي سمورن سم نالن جي هنگامي بنيادن تي کاٽي ڪرائي، سيڊا کي ختم ڪري سمورو وهنوار آبپاشي کاتي حوالي ڪيو وڃي.