ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي 5 مغوين جي بازيابي لاءِ 4 ڪلاڪ ڌرڻو

0
263
ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي 5 مغوين جي بازيابي لاءِ 4 ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ مختلف سياسي  سماجي تنظيمن پاران 5 مغوين جي  بازيابي لاءِ ڌرڻو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي

انڊس هاءِ وي تي ڌرڻي  سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مسافر  ۽ ڊرائيور سخت پريشاني جو شڪار رھيا

مظاھرين جو چوڻ ھو تھ ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل اشفاق سومرو،  عاشق سومرو، عبدالغني ڏاهاڻي سميت  5ڄڻا ڌاڙيلن وٽ قيد آهن، پوليس مغوين جي بازيابي  لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، نوٽيس ورتو وڃي

 جڏھن تھ انڊس هاءِ باءِ پاس روڊ وٽ آل پارٽيز موومينٽ طرفان مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻو 4 ڪلاڪن بعد ختم ڪيو ويو

ڌرڻي ۾ اڳواڻن سان ڊي ايس پي يار محمد رند ڳالهيون ڪري مغوين جي بازيابي جي يقين ڌياني ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرايو، ڌرڻي ۾ مغوين جا وارث به شريڪ هئا

ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون روڊ کولڻ بعد مسافر گاڏيون پنهنجي منزلن طرف روانا ٿي ويا، اڳواڻن موجب پوليس عملدار يقين ڌياني ڪرائي آهي ته مغوين جي بازيابي جلد عمل ۾ ايندي، پوليس عملدار چيو ته ڏوهارين خلاف سخت ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي

جمال الدين اوڳاهي،دلمراد ڏاهاڻي،عبدالغني بجاراڻي،ظريت بجاراڻي،اڪرم باجڪاڻي،سجاد بروهي،والي ڏنو سنڌي،شاهنواز مرهيٽو ۽ ٻين جو چوڻ ھو تھ مغوين جي بازيابي عمل ۾ نه آئي ته تحريڪ کي وڌائينداسين، ڌاڙيلن وٽ مغوي اشفاق سومرو،عاشق سومرو،عبدالغني ڏاهاڻي سميت 5 مغوي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن

ايس ايس پي جو چوڻ ھو تھ ڪنڌڪوٽ:پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروايون ڪري رهي آهي جنهن سبب ڏوهاري پوليس کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ مغوين کي اغوا ڪري ڪچي کڻي وڃن پيا

ايس ايس پي ذيشان شفيق صديقي موجب مغوي جلد بازياب ٿيندا ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو ويندو، ڏوھارين کي بخش نھ ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

ڪنب مان اغوا ٿيل ناري پنجاب مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ