ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ شاهي بازار جو سڙيل ٽرانسفارم تبديل نه ٿيڻ خلاف دڪاندارن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي صفيان جوکيو، دانش منگي، محمود سيال، حاجي حميد پيرزادو، شير ڏيپر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سيپڪو وارن ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، شاهي بازار جو ٽن مهينن کان ٽرانسفارمر سڙيل آهي جيڪو تبديل نه پيو ڪيو وڃي، هنن الزام هنيو ته سيپڪو عملدار ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ لاءِ رشوت گهري رهيا آهن، جيڪا  نه ڏيڻ تي ٽرانسفارمر تبديل نه پيا ڪن، هنن مطالبو ڪيو ته شاهي بازار جو ٽرانسفارمر تبديل ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.