لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻو جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاهه ۽ پ پ چيئرمين جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو سان ملاقات ڪئي،  جنهن ۾ ڪيمپس لاءِ زمين جي الاٽمينٽ ۽ ڪيمپس کي اپگريڊ ڪري جنرل يونيورسٽي بڻائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي.  ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر جو چوڻ هو ته ھر سال ھزارن جي تعداد ۾ شاگرد داخلا لاءِ اپلاءِ ڪن ٿا پر وڌيڪ ڪلاس روم نه ھئڻ ڪري اڪثر شاگردن ۽ شاگردياڻين کي داخلا نه ٿي ملي سگھي.  ڏھن کان وڌيڪ سال ٿي چڪا آھن پر سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو کي اڃان تائين نه زمين الاٽ ٿي آھي ۽ نه وڌيڪ عمارت ٺھي سگھي آھي. پ پ اڳواڻ جميل احمد سومرو چيو ته يونيورسٽيز ۽ بورڊس کاتي سان رابطو ڪري سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو لاءِ زمين جي الاٽمينٽ سان گڏ مڪمل جنرل يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ خاطري ڪرائي ته تمام جلد لاڙڪاڻو ۾ جنرل يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان ايڪٽ پاس ڪيو ويندو.