جهڏو/ڊگهڙي (نمائندن وٽان) جهڏو ۽ ڊگهڙي ۾ انتظاميا اٽي جي اگهن تي ڪنٽرول نه ڪري سگهي، جنهن ڪري غريب طبقو مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهي، جھڏو ۾ اٽي جي اگهن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي آهي، شهر جي چڪين ۽ دڪانن تي هن وقت اٽو 150 کان 160 رپيا ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيو آهي، هڪ هفتو اڳ ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو ته ضلعي اندر فلور مل جو اٽو 98 رپيا ڪلو ۽ چڪي جو اٽو 105 رپيا ڪلو ملندو پر ان تي ڪو به عمل ناهي ٿي سگهيو، جنهن ڪري عوام مهانگي اگهه تي اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهي، جڏهن ته مقامي انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي، ٻئي پاسي ڊگهڙي شھر ۾ پڻ اٽو 120کان 130 رپيا ڪلو وڪامي رهيو آهي، جڏهن ته مهانگي اگهه تي اٽو وڪرو ڪندڙن خلاف انتظاميا ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري، رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته مهانگي اگهه تي اٽو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.