ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو شهر  ۾ بدامني خلاف مڱريه برادري جي ماڻهن ۽ دڪاندارن پاران ريلي ڪڍي  اسٽار چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،  ان موقعي تي ايڊووڪيٽ دل نواز مڱريو،  ظفر کوسو، عبدالقدوس مڱريو، انور سولنگي، ممتاز مڱريو ببلو مڱريو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهر ۾ چوريون ۽ ڦرون معمول بڻيل آهن، پر پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، هنن چيو ته ممتاز مڱريو جي شورم تان 3 سي ڊي موٽرسائيڪلون چوري ٿي ويون آهن،  نوٽيس وٺي شهر ۾ امن قائم ڪرايو وڃي.