ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ملير جي وسندي  شاهه لطيف ٽائون جي اسڪيم 35 مان عدالتي حڪم باوجود قبضا نه ٿيڻ تان چيف سيڪريٽري ۽ ملير اٿارٽي  جي ڊي جي کي 30 نومبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ  جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران جسٽس نديم اختر پڇاڻو ڪيو ته چيف سيڪريٽري ڪٿي آهي؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته چيف سيڪريٽري حيدرآباد ۾ مصروف آهي، جنهن تي جسٽس نديم اختر چيو ته چيف سيڪريٽري کي اجلاس گهرائڻ لاءِ چيو ويو ھو، ٻڌايو ته عدالتي فيصلي تي اڃا تائين عمل ڇو ناهي ٿيو؟ درخواستگذار کي متبادل پلاٽ يا معاوضو ڇو ناهي مليو؟ درخواست گذار جو چوڻ هو ته 1984 ۾ پلاٽ جو الاٽمينٽ آرڊر جاري ٿيو ھو، ايم ڊي اي قبضي واري زمين تي اسڪيم جاري ڪري ڇڏي آھي، سڄي سوسائٽي تي قبضو ٿيل آھي.