جمال شاھ (ن پ ا) جمال شاھ  ڀرسان آرڊي 59 کان ميررڪڻ شاخ کي 30 فوٽ گھارو پئجي ويو، جنهن سبب  ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا، جنهن ۾ ڳوٺ ابراھيم ملاح، رحيم بخش جتوئي، طالب جا انڙ، عبدالحق خاصخيلي مڪمل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا، ڳوٺ وارن فوري طور آبپاشي  داروغي غلام محمد بالادي کي اطلاع ڏنو پر  ڪوبه ايريگيشن عملدار گھاري واري ھنڌ نه پھتو، ڳوٺاڻن نور خان زرداري،  بادل ملاح ۽ عظيم زرداري احتجاج ڪندي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته برسات جو پھرين پاڻي اڃان تائين نيڪال نه  ٿي سگھيو آهي وري شاخ کي گھاري سبب پاڻي ٻوڙي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ گھارو بند ڪري ڇڏيو.