ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ويجهو لاکا موري لنڪ روڊ تي ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مبينا مقابلي دوران 2 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب گشت دوران لاکا موري بس اسٽاپ وٽ هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن بعد جوابي فائرنگ ۽ مقابلي دوران جوابدار عطا محمد مري ۽ لال ڏنو لاکو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب مقابلي دوران ڏوهاري عامر مري کي به گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب زخمي جوابدار لال ڏنو جو تعلق دائود لاکو ۽ عطامحمد مري جو تعلق ڳوٺ پيارو مري سان آهي، پوليس موجب جوابدار علائقي ۾ موٽرسائيڪلون ڦر ڪرڻ ۾ ملوث رهيا آهن.