حيدرآباد: سائيٽ پوليس صنعتڪار سيٺ همايون برڪت ۽ سندس پٽ شهزاد همايون جي ٻن ڪيسن ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي آهي جنهن ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ ڪيس 29 سيپٽمبر تي قاسم آباد جي رهواسي زميندار مسعود علي وڳڻ جي فرياد تي سائيٽ ٿاڻي جي پوليس ساڍا 19 لک رپين جا 2 بوگس چيڪ ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪيو آهي. ڪيس ۾ فريادي جو موقف آهي ته هن 2017ع دوران شاپنگ مال جي ٻئي منزل تي دڪان نمبر 843 سيٺ همايون برڪت کان خريد ڪيو جنهن جو 2019ع کان کيس ڪرايو ادا نٿو ڪيو وڃي ڪرائي ادائگي لاءِ کيس هڪ لک ۽ ساڍا 18 لک رپين جا 2 چيڪ ڏنا ويا جيڪي بوگس نڪتا. فريادي موجب ته هو 29 سيپٽمبر تي رقم جي وصولي لاءِ شاپنگ مال ويو جتي کيس سيٺ همايون برڪت، سندس پٽ شهزاد همايون ۽ ماروي جوڻيجو مليا جن کي چيو ته هو سندس 2500 کان 2497 ڪمپني ۾ شيئرز آهن ان لاءِ رقم ادا ڪئي وڃي. ان دوران ماروي جوڻيجو ڌمڪي ڏني ته هو واپس هليو وڃي ٻي صورت ۾ هو پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي مٿس حراسان ڪرڻ جو الزام هڻندي، جڏهن ته ٻنهي پيءُ پٽن کيس گارگند ڪري پسٽل تاڻي موتمار ڌمڪيون ڏنيون. سائيٽ پوليس ٻيو ڪيس 30 سيپٽمبر تي ڊاڪٽر الله بخش عرف آڪاش جي فرياد تي سيٺ همايون برڪت ۽ شهزاد همايون برڪت خلاف داخل ڪيو آهي ته هن 2019ع دوران شاپنگ مال ۾ سيڙپڪاري لاءِ سيٺ همايون ۽ سندس پٽ کي هڪ ڪروڙ رپيا رقم فراهم ڪئي جنهن بعد ڪجهه وقت کيس معاوضو فراهم ڪيو ويو پر بعد ۾ معاوضو بند ڪيو ويو هاڻ ايگريمينٽ جو وقت ختم ٿي ويو آهي ته بار بار پنهنجي رقم جي واپسي جو مطالبو ڪيو. 26 سيپٽمبر تي سيٺ همايون ۽ سيٺ شهزاد رقم گھرڻ تان کيس گارگند ڪئي ۽ پسٽل تاڻي چيو ته هو کيس رقم پنهنجي مرضي سان ادا ڪندا.