حيدرآباد: حيدرآباد ۾ مقرر ڊي آءِ جي پير محمد شاهه بابت ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته سندس پاران جوڙيل ٽيم پاران ڪاروباري ماڻهن کي پراسرار نموني کنڀڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته 29 سيپٽمبر تي پوليس اٽالن سندس ٽيم جي انچارج ظفر چانڊيو جي سربراهي ۾ ڪارروائي ڪري ھمايون برڪت کي گرفتار ڪيو ته سندس پٽ شهزاد همايون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ هيٺ لٿو ته پوليس ان کي به پاڻ سان گڏ وٺي وئي. ذريعن موجب صنعتڪار ۽ سندس پٽ کي بااثر پوليس عملدار جي ٽيم ٻه ڏينهن لڳاتار گم ڪيو ۽ گذريل ڏينهن کيس پٽ سميت هڪ ڪروڙ ساڍا 19 لک جي فراڊ ۽ ٻه بوگس چيڪ ڏيڻ جي ڪيسن ۾ سندن گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب ان کان اڳ به ڊي آءِ جي پاران جوڙيل ٽيم قاسم آباد جي ميمڻ سوسائٽي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري خانگي يونيورسٽي جي چانسلر کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو ۽ مٿس جعلي ڊگريون ڏيڻ جي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي هئي.