ٽنڊوغلام علي(ن پ ا) ٽنڊوغلام علي شهر جو شادي شده نوجوان بيروزگاري کان تنگ ٿي نم جي وڻ ۾ ٽوال ٻڌي ڳچي ۾ وجهي ڦاھو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ وارڊ 5 ميگهواڙ پاڙي جو شادي شده بيروزگار نوجوان ھرچند پٽ ڪرمڻ ميگهواڙ گهر ڀرسان سندن ئي قبرستان (شمشاد گاٽ) مساڻ جي نم جي وڻ ۾ ٽوال ٻڌي ڳچي ۾ وجهي آپگهات ڪري ڇڏيو اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو فوتي جي چاچي رتن ٻڌايو ته منهنجو ڀائيٽو درزي ھو جيڪو برساتن کانپوء ڪافي ٽائيم کان ڪم نه ھئڻ ڪري بيروزگاري سبب فاڪا ڪشي واري زندگي گذاري رھيو ھو جنهن کان تنگ ٿي اڄ ھن ڦاھو کائي آپگهات ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.