ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ انتظاميا ۽ فلور مل پاران سستي اٽي جي فراھمي مذاق بڻائي ڇڏي، اسٽال بدران گاڏي ۾ نالي ماتر اٽو وڪرو، بدنظمي، عوام پاران من پسندي ۽ فوٽو سيشن جا الزام، ڪنري تعلقي ۾ ڪڻڪ جو اٽو سستو ناهي ٿي سگھيو، تعلقي ۾ اٽو 130 روپيا ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي، ڊي سي جي ھدايتن تي هڪ فلور مل انتظاميا سان گڏ شھر جي آمريڪن چوڪ تي مزدا گاڏي بيھاري ڪجھه ڪٽن تي مشتمل اٽو وڪرو ڪيو، اٽي جو اسٽال لڳائڻ بدران گاڏي ۾ اٽو رکي وڪرو ڪرڻ تان بدنظمي ٿي پئي، عوام ھڪٻئي کي ڌڪا ڏئي اٽو خريد ڪيو، شھرين علي حسن، اندر ڪمار، ھريش ڀيل ۽ ٻين دانھيندي ٻڌايو ته انتظاميا ڪجھه ڪٽا اٽي جا وڪرو ڪري فوٽو سيشن ڪري باقي اٽو واپس گاڏي ۾ وجھي کڻي وئي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.