ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو سميت ٿرپارڪر جي ڳوٺن ۾ اٽو 5000 روپيا في مڻ وڪرو ٿيڻ سبب غريب ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، شهرين هٿن ۾ اٽو سستو ڪرڻ وارا پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ادريس مڱريو، رجب علي، مقيم سنگراسي، ڀگوانداس، عارب ڀيل، لال محمد، صحبت نهڙي، مجنو ۽ ٻين چيو ته اٽي جي قيمت آسمان تي پهچي وئي آهي، هنن چيو ته غريب مزدور 500 سئو روپيا ڏهاڙي ڪمائڻ وارن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اٽو سستو ڪيو وڃي.