قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ۾ اٽو 120 رپيا ڪلو ۽ 4800 رپيا في مڻ وڪرو ٿيڻ لڳو آھي، جڏهن ته پورهيت طبقي  کي سستو اٽو ملڻ مشڪل بڻجي ويو آھي، شھر جي 05 کان وڌيڪ  فلور ملز مالڪن کي ھر مھيني ھزارين مڻ ڪڻڪ فراھم ڪرڻ باوجود عوام کي 4800 رپيا في مڻ اٽو ڏنو پيو وڃي، شھر اندر انتظاميا پاران سستي اٽي جا اسٽال نه لڳائڻ جي نتيجي ۾ مسڪين پورهيت طبقو اٽو وٺڻ کان لاچار بڻيل آھي، شهرين مطالبو ڪيو ته سستي اٽي جا سٽال لڳائي مسئلو حل ڪيو وڃي.