ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) واپڊا جي لاپرواھي سبب فوت ٿيل ڳوٺ پيارو خان چانڊيو ۾ فوت ٿيل ٻن پورھيتن محمد اشرف چانڊيو ۽ عبدالطيف چانڊيو جي تدفين سندن ڳوٺ ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي. ھڪ ئي گھر مان ٻه جنازا کڄڻ وقت سندس گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو. فوتين جو تڏو ڳوٺ پيارو خان چانڊيو ۾ وڇايو ويو. جتي سياسي، سماجي حلقن سميت برادري جي ماڻھن جو اچڻ جو سلسلو جاري آھي. ٻئي پاسي فوتي پورھيت محمد اشرف چانڊيو جي پٽ الھڏتو چانڊيو جي فرياد تي ڪنري ٿاڻي تي واقعي جو ايس ڊي او واپڊا نئون ڪوٽ سميت ٽن ملازمن ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ ايس ڊي او نئون ڪوٽ فلڪ ناصر، لائين سپريڊينٽ منور احمد ۽ لائين مين اشرف رند کي نامزد ڪيو ويو. جڏھن ته ڪيس ۾ لاپرواھي سبب موت ٿيڻ تي قلم 322 لاڳو ڪيو ويو. فريادي الھڏتو چانڊيو ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آھي ته گذريل ڏينھن منھنجو پيءُ محمد اشرف چانڊيو ۽ منھنجو چاچو عبدالطيف چانڊيو وارن ٻنيءَ ۾ ڪم پئي ڪيو ته زمين تي ڪريل بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳو جنھن سبب ھو ٻئي فوت ٿي ويا، فريادي ڄاڻايو آھي ته تارون گذريل 6 مھينن کان زمين تي ڪريل آھن جنھن بابت اسان ايس ڊي او، لائين سپريڊينٽ ۽ لائين مين کي بار بار شڪايت ڪئي پر ڪوبه تدارڪ نه ٿيو. جنھن سبب ٻنھي ڄڻن جي موت ٿي آھي. پوليس اھڙي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي، آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي. هوڏانهن فوتين جي وارثن تڏي تي آيل واپڊا جي مقامي ايس ڊي او کي فوتين جي وارثن غلط بياني ڪرڻ سبب واپس موٽائي ڇڏيو، ايس ڊي او تڏي تي غلطي تسليم ڪرڻ بدران پاڻ کي بيڏوھي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو. واقعي جو توانائي واري وزير امتياز شيخ، حيسڪو جي اعليٰ عملدارن ۽ واپڊا ايڪسين ڊگھڙي جي نوٽيس باوجود ڪوبه اعليٰ عملدار فوتين جي تڏي تي لڙي نه آيو.