ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ساٿي اهلڪار جي قتل ۾ ملوث رينجرز اهلڪار کي ٻڌايل ڦاهي واري سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي. علي مرتضيٰ ڀٽائي ونگ جي بيرڪ 63 ۾ پنهنجي ساٿي اهلڪار مقصود علي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو، ڊسمبر 2019 ۾ ماتحت عدالت جوابدار کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن خلاف هن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪرائي هئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ اهلڪار جي ڦاهي واري سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.