سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس ٽن واپارين کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ٻن سھولتڪارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب ڏھرڪيءَ سان تعلق رکندڙ ٽئي ڄڻا ڪاٺ جا واپاري آھن، جن کي ڪاٺ وڪرو ڪرڻ بهاني گهرائي اغوا جو منصوبو جوڙيو ويو. سکر پوليس جي ترجمان بلال لغاري پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ان حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته ڪچي واري علائقي ۾ جاري آپريشن جي نتيجي ۾ ڏهرڪي سان تعلق رکندڙ ٽن واپاري مغوين ظفر، شمس الدين ۽ عالم خان کي تيغاڻي ۽ جاگيراڻي گينگ جا ڌاڙيل اغوا ڪري کڻي وڃي رهيا هئا. اهڙي اطلاع تي سکر پوليس ڌاڙيلن جو پيڇو ڪري ٽنهي مغوين کي آزاد ڪرائي ورتو آھي ۽ ٻن اغوا ڪندڙن کي به گرفتار ڪري ورتو آھي. گرفتار ڪيل ڏوهارين کان جاچ ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب ڏهرڪيءَ مان ڪاٺ جي ٽن واپارين ڪاٺ وڪرو ڪرڻ بهاني ڪچي واري علائقي ۾ گهرائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو هو. ڏوهاري واپارين کي يرغمال بڻائڻ لاءِ وٺي پئي ويا ته پوليس پهچي کين اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.