حيدرآباد / لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ ٽئين ڏينهن به جي اي ايس ٽي اميدوارن کان ٽيسٽ ورتي وئي، گرمي دوران لائينن ۾ چيڪنگ بهاني بيهاريو وڃي ٿو. اميدوارن موجب ساڻن گڏ ايندڙ والدين به سڄو ڏينهن گرمي ۾ سندن انتظار ڪندا رهن ٿا انهن لاءِ به ويهڻ جو ڪو جوڳو انتظام نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي کين پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف پبلڪ اسڪول ۾ ٽيسٽ وٺندڙ انتظاميا عورت اميدوار سميت ٽن اميدوارن کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ اصل نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي سينٽر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو جنن انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو. احتجاج دوران اميدوارن ٻڌايو ته سندن اصل قومي سڃاڻپ ڪارڊ گهر ۾ گم ٿي ويا آهن جيڪي هٿ نه اچي سگهيا ان لاءِ هو ڊپليڪيٽ ڪارڊ کڻي ٽيسٽ لاءِ پهتا پر انتظاميا بائيو ميٽرڪ ڪرائڻ باوجود کين ٽيسٽ ۾ نه ويهاريو. اميدوارن مطالبو ڪيو ته اصل قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻيا سبب ڄاڻائي بنا جواز اميدوارن کي پريشان ڪرڻ جو نوٽيس ورتو وڃي.لاڙڪاڻي ۾ آءِ بي اي سکر جي نگراني ۾ ٽئين ڏينهن به جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ لک ٽيسٽ جاري رهي، جتي جيڪب آباد، ڳڙهي خيرو، ڪشمور، تنگواڻي ۽ ڪنڌڪوٽ تعلقي جي اميدوارن کان ٽيسٽ ورتي وئي.سينٽر اندر ٿڌي پاڻي ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ بابت دانهون ڪيون ويون پر سينٽر انتظاميه اميدوارن کي شڪايتن توڙي دانهن کي نظرانداز ڪندي کين آٿت ڏيندي رهي. ٻئي پاسي سخت گرمي ۽ پيهه سبب تنگواڻي واسي اميدوار غلام حسين بيهوش ٿي پيو جنهن کي ٻين اميدوارن فوري طور بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي کيس طبي امداد ڏئي هوش ۾ آندو.