ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان ڳوٺ دولت خان چانڊيو ۾ 14 ورھين جي نينگري ڍيلان ڌيءَ لالجي ڀيل گھرو تڪرار تان جيت مار دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. نينگري کي تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو جتي علاج ھيٺ آھي. نينگري جي وارثن ٻڌايو ته ڍيلان ۽ ھن جي ڀاءُ ۾ پاڻ ۾ گھرو معاملي تان جھيڙو ٿيو جنھن تان ناراض ٿي ھن اھڙو قدم کنيو.