ڀان سيدآباد ( ن پ ا) ڀان سيدآباد ويجهو ڳوٺ خيرمحمد جمالي مان 17 ورهين جي نوجوان اسلم پٽ سلطان جمالي جو ڦاهو آيل لاش هٿ آيو، اطلاع ملڻ تي پوليس نوجوان جو لاش کڻي ڀان اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب نوجوان جي ڳلي ۾ رسو ٻڌل هو،واقعي جي جاچ ڪريون پيا، لاش ڀان اسپتال مان پوسٽ مارٽم لاءِ سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن پاران شروعاتي طور تي پوليس کي ڏنل بيان موجب وارثن چيو ته خدشو آهي ته نوجوان کي ڪنهن ڦاهو ڏئي قتل ڪري واقعي کي حادثو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پوليس واقعي جي انڪوائري ڪرائي انصاف ڪري. هوڏانهن ڊاڪٽرن موجب نوجوان جي گلي جسم تي تشدد جا نشان آهن، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد حقيقتون سامهون اينديون.