ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ورسٽي انتظاميا پاران شاگردن جي فيس ۾ واڌ خلاف مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شاگردن پاران ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، شاگردن جي وڌايل فيس وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو، حيدرآباد ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ پاران پرديپ گلاب، ڪائنات ڏاهري، عاطف ملاح، وحيد چانڊيو، علي محمد وڪو، جنت هاليپوٽو، ثمرين خاصخيلي، علي رضا جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، شھدادڪوٽ ۾ ستاف پاران اسد سولنگي، علي مگسي، غوث بخش مگسي، رشيد مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، نوشهروفيروز ۾ رياض مھر، نور راڄپر ايڊووڪيٽ، شبانه پيرزادو ۽ ٻين مظاھرو ڪيو، خيرپورناٿن شاھ ۾ انقلابي شاگرد محاذ جي سڏ تي پورهيت مزاحمت، طبقاتي جدوجهد سميت شاگرد يونين اڳواڻن پاران عبدالعزيز چانڊيو ، منظر، اعجاز ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته تعليمي ادارن ۾ بدانتظامي ۽ ڪرپشن چوٽ چڙهيل آهي، سنڌ يونيورسٽي انتظاميا تعليمي فين ۾ واڌ ڪري غريب شاگردن سان ظلم ڪيو آهي، فين ۾ ڪيل واڌ سبب وچولي ۽ پورهيت طبقي جا والدين پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارڻ لاءِ لاچار ٿي ويندا، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فيس ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.