ميرپورخاص(رپورٽر) ميرپورخاص جي سماجي تنظيمن پاران انٽري ٽيسٽ جي فيسن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان پاڪستان نيشنل ريفارم جي اڳواڻ عبدالسلام، سماجي اڳواڻن محمد ناصر، نويد منصوري، معيذ احمد، طاهر راجپوت ۽ ٻين چيو ته ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پڙهندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجن سالياني امتحانن سان گڏ ميڊيڪل ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ جي تيارين لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن انهن شاگردن شاگردياڻين ۾ وڏو انگ غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو آهي جيڪي پڻ ميڊيڪل ۾ داخلا وٺي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ سان گڏ پنهنجو بهتر مستقبل ٺاهڻ جي خواهش رکن ٿا. هنن چيو ته انٽري ٽيسٽ جي گذريل سال 15 سو رپيا فيس مقرر ڪئي وئي هئي جنهن کي ادا ڪرڻ ۾ ڪنهن کي وڏي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوندو هو پر هن سال اوچتو انهي فيس کي 15 سو روپين مان وڌائي 6 هزار رپيا فيس ڪئي وئي آهي. جيڪو غريب ۽ وچولي طبقي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ مشڪل بڻجي ويندو. هنن مطالبو ڪيو ته ميرپورخاص ڊويزن جي شاگردن لاءِ فيسن ۾نرمي ڪندي شاگردن کان اڳوڻي فيس ورتي وڃي، ميرپورخاص ڊويزن ۾ انٽري ٽيسٽ جو سينٽر مقرر ڪيو وڃي، ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ جا پيپر سنڌ حڪومت پاران طئه ڪيل سليبس مان ورتا وڃن ته جيئن هرطبقي جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ميڊيڪل ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ ڏئي داخلا حاصل ڪري سگھي.