ڪنري (ن پ ا) 18 ڏينهن اڳ ڪنري لڳ جوزف آباد مان مبينا اغوا ڄاڻايل ناري 16 سالن جي ناري ڪملا ڌيءُ پرڀو ميگهواڙ جي اغوا جو ڪيس 4 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو. ناري جي پيءُ پرڀو جي فرياد تي ڪنري ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۾ غلام رسول سولنگي ۽ 3 نامعلوم جوابدار شامل آھن. پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد ناري جي بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي. وارثن دانهيندي چيو ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آھي اسان جي نياڻي نابالغ آھي اسان جي نياڻي بازياب ڪرائي ڏني وڃي.