خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) ٿرڙي جادو ۾ گرمي لڳڻ سبب معصوم نينگر فوت ان ڏس ۾ خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ ٿرڙي جادو شهيد ۾ گرمي لڳڻ سبب 9 ورهين جو معصوم نينگر شهمير ٻٻر پُٽَ غلام شبير ٻٻر بيهوش ٿي ويو، جنهن کى مقامي اسپتال آندو ويو ، جتي ان جي طبيعت خراب هجڻ بعد کيس سيوهڻ اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو ته معصوم نينگر رستي ۾ ئي گرمي جي سَٽَ نه سهندي فوت ٿي ويو ، رابطي ڪرڻ تي سندس والد غلام شبير ٻٻر ٻڌايو ته هڪ هفتي کان سيپڪو ڪي اين شاهه پاران ڪڪڙ کان ڊي فٽنگ ڪري ٿرڙي جادو شهيد جي بجلي بند ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري اسين سخت گرمي سبب بيحال بڻيل آهيون. اڄ قهر جي گرمي ۽ بجلي جي نه هجڻ سبب منهنجي ننڍڙي جي اچانڪ طبيعت خراب ٿي پئي جنهن کي پهريان مقامي اسپتال ڊاڪٽر وٽ کڻي آيس جنهن ٻڌايو ته معصوم کي گرمي سبب ڏينهن لڳو آهي، ان کي سيوهڻ اسپتال کڻائي وڃڻ جو چيو نينگر کي سيوهڻ اسپتال کڻائي وڃي رهيو هئس ته دادو ڀرسان منهنجي معصوم نينگر دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ، هوڏانهن معصوم جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا.