محبت ديرو (ن پ ا) محبت ديرو لڳ ڳوٺ بکري واسي نوجوان شاھجھان چوهاڻ جو ٻه ڏينھن اڳ ميھڙ باءِ پاس تان ھٿ آيل تشدد ٿيل لاش واري واقعي جو ڪيس مقتول نوجوان جي ڀاءُ منظور چوهاڻ جي فرياد تي محبت ديرو ٿاڻي تي 7 ڄڻن تي داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ عبدالغفار ڏھراج، جان شير خان ڏھراج، اختيار سولنگي، انور ڪلھوڙو ۽ ٽن اڻ سڃاتلن جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مٿين جوابدارن نوجوان شاهه جهان کي بنگلي تي گهرايو جنهن بعد نوجوان جو نمبر بند ٿي ويو، 2 ڏينهن کانپوءِ نوجوان جو لاش ميهڙ جي حد مان هٿ آيو، اسان کي شڪ آهي ته مٿين جوابدارن اسان جي نوجوان کي گهرائي قتل ڪيو آهي. معاملي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.