ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي لڳ ٻيلهاڙو شاخ اسٽاپ تي ڳوٺ نظام الدين راجپوت مان ٽي ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿيل 15سالن جي نينگري ارم شيخ کي اغوا ڪرڻ ۽ گهر تي هلان ڪرڻ جو ڪيس ناري جي ماءُ مسمات بانو زال ڌڻي بخش شيخ جي فرياد تي جوابدار اعجاز ولد فضل محمد شيخ، عامر ولد فضل محمد شيخ ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو. ڪيس داخل ٿيڻ بعد ٻن جوابدارن کي ميرواهه گورچاڻي پوليس گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو پر اڃا تائين ناري کي بازياب ڪرائي نه سگهي. جڏهن ته غير شادي شده ناري کي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل عامر ۽ اعجاز شيخ تي ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ ان سلسلي ۾ مسمات بانو شيخ ٻڌايو ته منهنجو مڙس فالج ۾ مبتلا آهي، ڄاڻايل جوابدارن ھٿيارن جي زور تي رات جو غير قانوني طور گھر ۾ داخل ٿي اسانجي نياڻي ارم شيخ کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري اسانکي معصوم نينگري واپس ڪرائي ڏني وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ميرواهه گورچاڻي ٻڌايو ته ناري جي اغوا جو ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ناري جي بازيابي لاءِ مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا پيا وڃن. جلد ناري کي بازياب ڪرايو ويندو.