ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سامونڊي پٽيءَ تي آباد مهاڻن جي قديم وسندين ۾ منشيات جي آزار جي خاتمي لاءِ فشرمين فوڪ فورم جي سڏ تي سوين ماڻهن جو احتجاجي مارچ، عورتن ۽ ٻارڙن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، ان حوالي سان پاڪستان فشرمين فوڪ فورم پاران مهراڻ شاهه، فرحان وڳڻ، ابوبڪر قاسماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريڙهي ڳوٺ ۾ مارچ ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته منشيات فروشن پاران هڪ سازش تحت اسان جي ايندڙ نسل کي تباهه ڪيو پيو وڃي. ڪراچيءَ جهڙي بين الاقوامي شهر کي پنهنجي ڪُک مان جنم ڏيندڙ مهاڻن جون قديم وسنديون اڄ به اونداهي ۾ گهيريل آهن. هنن چيو ته ريڙهي ڳوٺ جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي منشيات جهڙي لعنت ۾ مبتلا ٿي چڪي آهي، اسان جا حڪمران، پوليس جا اعليٰ عملدار، چونڊيل نمائندا ۽ وڏيرا منشيات جي وڌندڙ آزار خلاف مڪمل خاموشي اختيار ڪري ويٺل آهن، اختيارين جي خاموشي سانحي کان گھٽ ناهي. هنن چيو ته ابراهيم حيدري، ريڙهي ڳوٺ سميت ٻين سنڌي وسندين ۾ منشيات جو آزار روڪي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ سرڪار قدم کڻي.