ڪنب (ن پ ا) ڪنب پوليس مئل مرغيون هلڻ جي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ڇاپو هڻي دڪاندار عنايت الله ٻٻر کان مرده مرغيون هٿ ڪري گرفتار ڪري ورتو. ڪنب پوليس موجب اسان کي اطلاع مليو ته ڪنب ۾ مئل مرغين جو گوشت وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن تي ڪارروائي ڪري دڪاندارکان مئل مرغيون هٿ ڪري گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو آھي.