خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ميونسپل دڪانن جو ماهوار ڪرايو وڌائڻ خلاف دڪاندارن پاران پنجگلا چوڪ کان پريس ڪلب تائين بشير احمد آرائين، نصير ڏيٿو، حاجي اقبال، عبدالقيوم، اڪبر عباس زيدي، آصف زيدي، بهادر خان، ڪيلاش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي. اڳواڻن ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ميونسپل انتظاميه پاران سندن دڪانن جا ڪرايا 10 سيڪڙو وڌائڻا هئا پر ميونسپل انتظاميه عدالت جي حڪم جي توهين ڪندي 3 هزار سيڪڙو دڪانن جا ڪرايا وڌائي ڇڏيا آهن جيڪو دڪاندارن جو معاشي قتل آهي. هنن چيو ته هڪ پاسي ڪورونا وائرس جي وَبا سبب خريداري نه پئي ٿئي ۽ دڪاندار خساري ۾ پئجي ويا آهن جڏهن ته ميونسپل انتظاميه دڪانن جا ڪرايا وڌائي دڪاندارن کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ميونسپل انتظاميه پاران ڪرايا وڌائڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو ته سمورو ڪاروبار بند ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو.