جمال شاهه (ن پ ا) جمال شاهه ۽ ڀرپاسي جا ڪيترائي مين روڊ ۽ لنڪ روڊ اکڙي تباهه ٿي ويا، جن ۾ لنڪ روڊ سعيد خان مشوري، لنڪ روڊ علي رضا کوسو، جمال شاهه شھر کان پوليس اسٽيشن، هبيري، دوڙ ۽ مورو کي ملائيندڙ مين روڊ پڻ اکڙي تباهه ٿي ويو. جڏھن ته عاقل راهو موڙ کان پرهيار اسٽاپ، قادر آباد کان ڳوٺ بشام خان رند تائين گذريل 20 سالن کان مرمت نه ٿيڻ سبب روڊ ۾ کڏا پئجي ويا. علائقي واسين گلزار علي پرهيار، حب علي ڏاهري ۽ ياسين پرهيار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جمال شاهه کان قاضي احمد ۽ دوڙ مورو روڊ سان بسون وينون هلنديون هيون پر روڊ ٽٽي وڃڻ سبب گاڏين جي مالڪن گاڏيون بيهاري ڇڏيون آھن، جنھن سبب غريب ماڻهو ايمرجنسي ۾ گاڏي نه ملڻ سبب تمام گهڻو پريشان ٿين ٿا. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته جمال شاهه ۽ ڀرپاسي جا ٽٽل مين روڊ ۽ لنڪ روڊ ٺھرائي ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.