ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد ۾ پيرل شاهه ڪالوني جي سولنگي پاڙي ۽ ٻگهيا پاڙي جي رهواسين عرس سولنگي، حاجي سولنگي، اعجاز احمد ٻگهيو، منظور احمد ۽ ٻين پاڙي ۾ ناليون نه ٺهڻ ۽ ڊرينيج پاڻي جي نيڪالي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائون انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ پڪيون ناليون نه هجڻ سبب ڄاڻايل پاڙن ۾ نالين جو گندو پاڻي رستن تي بيهجي وڃي ٿو، شڪايتن باوجود انتظاميا پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو، گندو پاڻي گهٽين ۾ بيهڻ ڪري اچ اڃ ۾ سخت ڏکيائيون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي گندو پاڻي نيڪال ڪرائي ناليون پڪيون ٺهرايو وڃن.