ڪنب (ن پ ا) ڪنب ٿاڻي جي حد ٽالپر وڏا ۾ پلاٽ مامري تان ميراثي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب غلام فريد ميراثي ۽ سندس امڙ زرينا ميراثي زخمي ٿي پيا، جن کي ڪوٽڏيجي اسپتال داخل ڪيو ويو. زخمي غلام فريد پنهجي امڙ زرينا سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته پلاٽ جو مامرو سئوٽن سان هلندڙ آھي ۽ منهجو چاچو ۽ منهنجا سئوٽ منهنجي ڀيڻ جي زبردستي وڏي عمر جي شخص سان شادي ڪرائڻ چاهين ٿا، اسانجي انڪار تي هنن اسان مٿان حملو ڪيو، هنن چيو ته ڪنب ٿاڻي تي جوابدارن نديم ،سليم،امير علي،منور علي ميراثي ۽ ٻين خلاف اين سي داخل ڪرائي آھي.