خيرپور (رپورٽر) عدالتي حڪمن باوجود پوليس باندي بڻايل ماءُ ڌيءَ کي بازياب نه ڪرائي سگهي، ايس ايچ او عدالتي حڪم تي هڪ ڪلاڪ اندر پيش، عدالت طرفان ٽن ڏينهن جي مهلت، باندي بڻايلن کي پيش ڪرڻ جو حڪم. خبر موجب ٽالپر وڏا ۾مبينا طور باندي بڻايل ڪراچي واسڻ مسمات مهوش ۽ سندس 11 سالن  جي معذور ڌيءَ مسڪان شاهه کي بازياب ڪرائڻ واري معاملي ۾ سيشن جج خيرپور ايس ايچ او ڪنب کي سرچ وارنٽ جاري ڪرڻ باوجود باندي بڻايل ماءُ ڌيءَ کي خيرپور پوليس عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ ٻڌڻيءَ دوران فورٿ ايڊيشنل سيشن جج ايس ايچ او ڪنب کي هڪ ڪلاڪ اندر عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڪيو. ان موقعي تي ايس ايچ او عدالت ۾ پيش ٿي باندي بڻايلن جي بازيابيءَ لاءِ مهلت طلب ڪئي. عدالت کيس ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيندي باندي بڻايل مسمات مهوش ۽ سندس معذور ڌيءَ مسڪان کي هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي مبينا باندي بڻايل مسمات مهوش جي پيرسن والده مسمات زرينه، مامي جهانگير شاهه ۽ ڀاءُ عبيد شاهه صحافين آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته بخت حسين مڱڻهار مهوش ۽ 11 سالن جي  ذهني معذور مسڪان کي ورغلائي ڪراچي مان وٺي پاڻ وٽ باندي بڻائي ڇڏيو آهي. پوليس کين بازياب ڪرائڻ ۾ ڪابه مدد نٿي ڪري. هنن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اپيل ڪئي ته مهوش ۽ مسڪان کي بازياب ڪرائي سندن زندگيون بچايون وڃن.