ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور پوليس پاران ٽريڪٽر ٽرالي ۽ اھلڪارن کان 2 سرڪاري ھٿيار ڦرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيل رشيد نصيراڻي، نديم نصيراڻي، غلام رسول نصيراڻي، شمس جکراڻي ۽ جبار جکراڻي جي وارث عورتن ۽ ٻارن ٿاڻي آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرائي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيون،گاڏين جون قطارون لڳي ويون.وارثن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته ڦر الزام ۾ ڪشمور پوليس پنج ڄڻن کي گرفتار ڪيو، نه ڪيس داخل ڪيو ويو نه ئي ڦر واقعو ثابت ٿيو آهي.خدشو آهي نوجوانن کي مقابلو ڄاڻائي فل يا ھاف فرائي ڪيو ويندو.  ايس ايڇ او گڊو جکراڻي ۽ نصيراڻي برادري جي ماڻهن سان ڳالھيون ڪري گرفتار ڪيل ماڻهن کي نقصان نه پھچائڻ جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو.