ڪڍڻ( ن پ ا ) ڪڍڻ ۾ نافرمان پٽ مبينا طور امڙ تي تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڪڍڻ جي وارڊ نمبر چار جي رهواسڻ عورت مسمات فاطمه نيشنل پريس ڪلب ڪڍڻ پھچي دانهيندي چيو منهنجي نافرمان پٽ سڪندر مونکي ۽ منهنجي پيءُ کي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ گهر تي قبضو ڪري ويٺو آهي. هن چيو ته آئون ڪڍڻ ٿاڻي تي به ويئي هئس پر منهنجو ڪو به داد فرياد ڪون ٿيو هن سيشن جج بدين ايس پي بدين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مون غريب سان انصاف ڪيو وڃي.