ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرپوخاص ضلعي جي ڪڻڪ جي بهترين پيدوار ڏيندڙ تعلقن ۾ شامل شجاع آباد جي مختلف علائقن جھلوري، مکڻ سمون،کنڀڙي، ڳوٺ غلام محمد لغاري، ڳوٺ الله رکيو گورچاڻي، ميرواهه گورچاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لهي ويو آهي، جنهن بعد پورهيتن جي منهن تي مرڪون اچي ويون آهن، جڏهن ته هزارين بي روزگار ماڻهو روزگار سان لڳي ويا آهين، مقامي آبادگارن حاجي حيدر بخش رستماڻي،  محمد حنيف رند، ڪامريڊ نور احمد گورچاڻي، چوڌري عابد آرائين ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته هن سال اسان وٽ ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو آهي، لابارا وجهي ڇڏيا آهن اميد آهي ته سٺي اپت ملندي، هنن چيو ته افسوس آهي ته اڃا تائين تعلقي شجاع آباد اندر سرڪاري ڪڻڪ خريداري جا سينٽر کلي ناهن سگهيا، هنن سرڪاري مرڪز کولڻ جي گهر ڪئي.