ڪشمور (رپورٽر)ڪشمور پوليس گيھلپور جي ڪچي واري علائقي مان ٽن ورهين جي شيراز ملڪ کي بازياب ڪرائي ورتو. ايس ايس پي ملڪ پاڙي ۾ پھچي ٻارڙو وارثن حوالي ڪيو.  امجد شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻارن کي اغوا ڪندڙ ھڪ گروھ تائين پھتاسين،گيھلپور ڪچي واري علائقي مان شيراز ملڪ کي اغوا ڪارن جي چنبي مان بازياب ڪرايو.ان موقعي ٻالڪ شيراز ملڪ جي بازيابي جي خوشي ۾ وارثن پاران ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ ۽ ايس ايچ او حسين علي شاھاڻي کي ھار پارايا ۽ بھترين حڪمت عملي جوڙي صحيح سلامت نينگر جي بازيابي ممڪن بڻائڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.