سکر (بيورو رپورٽ) دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج شڪيل حيدر شاھ صحافي اجي لالواڻي قتل ڪيس  جي ٻڌڻي ڪئي، جنھن دوران ٽائون ڪاميٽيءَ جو اڳوڻو چيئرمين عنايت شاھ، وائيس چيئرمين احسان شاھ، صالح پٽ ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايچ او عاشق ميراڻي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، فريادي ڌر جي وڪيل زبير احمد راجپوت موجب اجي لالواڻيءَ جي والد دليپ ڪمار ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج شڪيل حيدر شاھ تي عدم اعتماد جو اظھار ڪيو آھي، ڇو جو ھو جوابدارن کي فائدو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، تنھن ڪري ھن جج جي موجودگيءَ ۾ ڪيس نٿا ھلائي سگھون. جنھن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 6 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رھي ته صالح پٽ ۾ 14 مھينا اڳ ھٿياربندن فائرنگ ڪري صحافي اجي لالواڻيءَ کي قتل ڪيو ھو، قتل ڪيس ۾ پنج جوابدار گرفتار جيل ۾ قيد آھن جڏھن ته عنايت شاھ، احسان شاھ ۽ عاشق ميراڻي ضمانت تي آزاد آھن.