ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ مهدي ڪاظمي کي سندس ڌيءَ دعا زهره  جي عمر جي تعين لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ مناسب فورم سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،  جڏهن ته نينگري جي والد پاران دعا زهره کي شيلٽر هوم اماڻڻ واري درخواست واپس وٺڻ تي عدالت ڪيس اڪلائي ڇڏيو. ڪالهه سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾  دعا زهره کي بازياب ڪرائي شيلٽر هوم منتقل ڪرڻ بابت سندس والد مهدي ڪاظمي پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت پڇيو ته ڇا دعا زهره جي والدين سان ملاقات ڪرائي وئي هئي؟ جنهن تي والد مهدي ڪاظمي چيو ته پوليس جي موجودگي ۾ چيمبر ۾ 5 منٽن لاءِ ملاقات ڪرائي وئي هئي، جنهن تي جسٽس سجاد علي شاهه پڇيو ته دعا جي ميڊيڪل ٽيسٽ عدالتي حڪم تي ٿي؟ ڇا  انهي لاءِ ميڊيڪل بورڊ جڙيو هو؟ جسٽس منيب اختر چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا جي بازيابي واري درخواست اڪلائي ڇڏي هئي، ڇا هن وقت ڪنهن ٻي عدالت ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي؟ ڇا توهان عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته دعا کي بازياب ڪرايو وڃي، جسٽس محمد علي مظهر پڇيو ته توهان ميڊيڪل ٽيسٽ کي چيلنج ڪيو آهي، جنهن تي مهدي ڪاظمي جي وڪيل چيو ته اسان صحت واري سيڪريٽري کي ميديڪل ٽيسٽ واسطي بورڊ جوڙڻ لاءِ خط لکيو آهي، پوليس دعا جي اغوا جو ڪيس سي ڪلاس ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان جذباتي نه ٿيو قانوني نقطن تي عدالت جي معاونت ڪيو، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته فيملي ڪورٽ ۾ شادي کي چيلنج ڪيو ويندو آهي، ڇوڪري هاءِ ڪورٽ ۽ مئجسٽريٽ سامهون بيان ڏنو آهي. جنهن بعد جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته توهان جي درخواست تي اڄ ئي ڪو فيصلو جاري ڪنداسين، ان بعد عدالت دعا جي والد کي ميڊيڪل بورڊ لاءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هي ڪيس اسان جي دائري اختيار ۾ ناهي، ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ مناسب فورم سان رابطو ڪري سگهو ٿا.  دعا زهره جي والد مهدي ڪاظمي پاران ڌيءُ کي شيلٽر هوم اماڻڻ واري درخواست واپس وٺڻ تي عدالت ڪيس اڪلائي ڇڏيو. هوڏانهن ٻڌڻي بعد عدالت ٻاهران مهدي ڪاظمي جي وڪيل جبران ناصر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت چيو آهي ته دعا جي عمر جي تعين واري پوليس سرجن  جي رپورٽ کي  چيلنج ڪري سگهو ٿا، دعا جي عمر جي تعين لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي درخواست ڏينداسين، هن وڌيڪ چيو ته صحت کاتي جو سيڪريٽري ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ بابت اسانجي درخواست منظور نه ڪئي  ته اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ وينداسين، اسان کي اميد آهي ته ميڊيڪل بورڊ جو فيصلو اسان جي حق ۾ ايندو. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ 8 جون تي دعا زهره کي پنهنجي مرضي سان فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.