ڀٽ شاهه (ن پ ا)  ڀٽ شاھ ۾ دڪان کي اوچتو باھ لڳڻ ڪري لکين رپين جو  سامان سڙي رک ويو آھي  شھر جي ٽنڊوآدم اسٽاپ ڀرسان رانا نويد اختر راجپوت جي ڪاٺ جي دڪان کي باھ لڳي ويو ـ دڪان ۾ رکيل در ـ درين ۽ ڪٻٽن سميت لکين رپين جو سامان سڙي ويوشھرين پاران دڪان مان پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائڻ جون ڪوششون شروع ڪيون ويون. اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو دير سان پھتو جنھن ڪافي نقصان ٿي ويو. شھرين ۽ دڪاندارن جو چوڻ آھي ته بيٽري جي تار مان اوچتو دڪان کي باھ لڳو آھي ۽ جلدي ۾ باھ تيزي سان سڄي دڪان کي وڪوڙي ورتو ۽ لکين رپين جو سامان سڙي ويو آھي.