ميرپوربٺورو (ن پ ا) ايس ايس پي سجاول  جي آفيس مان هٿيار چوري جي ڪيس ۾ 3 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ ايس ايس پي آفيس سجاول جي ڪوت خاني مان ڪجهه عرصو اڳ سرڪاري هٿيار چوري ٿيڻ واري مامري کان پوءِ پوليس پاران چوري ٿيل هٿيار هٿ ڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڪوششون ورتيون ۽ وڏي تعداد ۾ آفيس عملي سميت مختلف ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته گذريل ڏينهن ميرپوربٺورو پوليس پاران انهي معاملي ۾ وڏي ڪارروائي ڪندي چوري ٿيل 3 جي ٿري رائفل ۽ 18 سرڪاري پسٽل هٿ ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي وئي آهي، ميرپوربٺورو ٿاڻي تي داخل ايف آءِ آر نمبر 96، 2022 تحت خدا بخش ولد خميسو لغاري، زبير ولد ابراھيم راهمون ۽ وقار ولد خادم حسين لغاري کي گرفتار ڪري وٽانئن ايس ايس پي سجاول آفيس مان چوري ٿيل هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.  ياد رهي ته ٻه مهينا اڳ ايس ايس پي آفيس جي ڪوت خاني جي انچارج جي رٽائرمينٽ کان پوءِ نئين انچارج جي چارج وٺڻ دوران اهو انڪشاف سامهون آيو هو ته ڪوت خاني مان وڏي تعداد ۾ هٿيار غائب آهن، جنهن بعد پوليس انهن جي واپسي لاءِ ڪوششون ورتيون ۽ چوري ٿيل هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.