ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ويجهو هٿياربندن ٻن پورهيتن کي اغوا ڪري ورتو، پيرسن جي طبيعت خراب ٿيڻ تي ڌاڙيلن کيس ڇڏي ڏنو، هڪ کي کڻي ويا، پوليس ڪارروائي نه ڪئي، وارثن جو مظاهرو، خبر موجب گذريل رات نائچ ڳوٺ مان ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ھڪ پيرسن سميت ٻن پورهيتن کي اغوا ڪيو، پيرسن ڀورل چاچڙ کي بيھوشي واري حالت ۾ ڏوهارين رستي ۾ ڇڏي ڏنو، جڏهن ته نوجوان غفار چاچڙ کي ھٿياربند اغوا ڪري ويا، پوليس اطلاع باوجود ڏوهارين پويان نه وئي، مغوي نوجوان جي وارثن مغوي جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڳوٺاڻن چيو ته هٿياربندن زرعي زمين تي پاڻي جي مشين ھلائيندڙ ٻن پورهيتن ڀورل چاچڙ ۽ غفار چاچڙ کي اغوا ڪيو، پيرسن ڀورل جي طبيعت ناساز هجڻ سبب کيس ڇڏيو ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻي کي ڌاڙيل کڻي ويا، هنن چيو ته پوليس هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي.