ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ لڳ 22 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل 2 ڀائر عبدالصمد ملڪ ۽ شھباز ملڪ ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن، ان سلسلي ۾ مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته هنن ڪجهه ڏينهن اڳ ڌاڙيلن ڏانهن پاڪ ڪتاب کڻي ويا هياسين، جنهن بعد ڌاڙيلن اسان جا ٻئي مغوي ڇڏي ڏنا آهن، هنن چيو ته اسان ٻنهي بازياب ٿيلن کي پريس ڪلب آندو آهي، هنن چيو ته اسان جي مغوين کي پوليس بازياب ناهي ڪرايو، ڌاڙيلن پاڻ ڇڏي ڏنو آهي، مغوين جي وارثن جو چوڻ هو ته پوليس وٽ ڪيترائي ڀيرا وياسين پر پوليس اسان جي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪو ڪردار ادا نه ڪيو.